ڇا لکان

ڇا لکان

ڇا لکان

ڇا لکان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري ليکڪ ۽ ڊراما نگار عبدالقادر جوڻيجي جي مضمونن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب ٻن حصن تي مشتمل آهي. پهرئين حصي ۾ طنز و مزاح سان گڏ اقتصاديات، سماج ۽ ثقافت جي موضوعن تي هيٺين عنوانن وارا مضمون شامل آهن: ’گڏهه‘، ’ڪتا’، ’اقتصادي مامرو‘، ’ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون‘، عورت جي اقتصادي آزادي، بين الاقوامي سازش، ڪرڪيٽ، جواري ۽ ميڊيا، ورهين جا وڇوڙا، جهنگ جي دنيا ۽ زلزلو، اسڪرين يورپ ۽ ڪتاب، پڙهي ته ڏسو ۽ ڇا لکان. ڪتاب جي ٻئي حصي ۾: ’جارج مائيڪس‘، ’خوشونت سنگهه‘، ’جيڪ ڪيرويي‘، ’ارون ڌتي راءِ‘ ۽ ’اميتا وگھوش‘ جي مضمونن ۽ انٽرويوئن جا ترجما آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪل 312 صفحا آهن. هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري، سال 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 180 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو